Nahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌي PC
Zawar Reza Hussain Alhussaini
GameLoopエミュレーターを使用してPCにNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيをダウンロードします
Nahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌي PC版
開発者Zawar Reza Hussain AlhussainiからのNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيは、過去にAndroidsystermで実行されています。
これで、GameLoopを搭載したPCでNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيをスムーズにプレイできます。
GameLoopライブラリまたは検索結果にダウンロードしてください。 バッテリーに目を向けたり、間違った時間にイライラしたりすることはもうありません。
大画面でNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيPCを無料でお楽しみください!
Nahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌي 序章
هن ايپليڪيشن جون ڪجھ اهم خاصيتون
نهج البلاغه جو سليس ۽ روان سنڌي ترجمو
عربي ۽ سنڌي کي مڪمل طور تي پڙهڻ لاءِ عربي ۽ سنڌي لاءِ الڳ الڳ سيڪشن
عربي ۽ سنڌي جي سموري مواد ۾ سرچ جي سهولت
ڪنهن به جاءِ تان اڳتي ۽ پوئتي وڃڻ جي سهولت
ڪنهن به نيٽ ورڪ تي شيئر ڪرڻ جي سهولت
عربي ۽ سنڌي لاءِ الڳ الڳ دلڪش عربي ۽ سنڌي فونٽس
عربي ۽ سنڌي متن لاءِ مرضي مطابق مختلف رنگن کي منتخب ڪرڻ جي سهولت
نهج البلاغه جي خطبن، مڪتوبات ۽ حڪيمانه جملن جي لاءِ بهترين فهرست
پنهنجي پسند مطابق الڳ پسنديدھ لسٽ ترتيب ڏيڻ جي سهولت
امام علي عليه السلام ۽ سائڻ زهرا سلام الله عليها جي عظمت کي نظر ۾ رکندي نهج البلاغه جي ايپليڪيشن ۾ سائڻ زهرا سلام الله عليها جي خطبه فدڪيه کي به شامل ڪيو ويو آهي.
بهترين ۽ وڻندڙ گرافڪس
نهج البلاغه ۽ هن ايپ جي باري ۾
تحرير: غلام قاسم تسنيمي
مهاڳ
نهج البلاغه جي نالي سان هي نفيس ۽ سهڻومجموعو، جيڪو هينئر اسان جي هٿ ۾ آهي ۽ زمانو ان کي پراڻو نٿو ڪري سگهي، بلڪه زماني جي گذرڻ ۽ نون نظرين ۽ فڪرن جي ظاهر ٿيڻ ،مسلسل ان جي حيثيت ۾ واڌارو آندو آهي، علي عليه السلام جي خطبن، دعائن، وصيتن، مڪتوبن، ۽ مختصر اقوالن جي چونڊ آهي. جنهن جو سهيڙيندڙ سيد شريف رضي رضوان الله تعالي عليه آهي.
امام علي عليه السلام ڇو جو ”مرد سخن“ هو ان ڪري ڪيترائي خطبا ارشاد فرمايائين. مختلف مناسبتن تي حضرت جا ڪيترائي مختصر حڪيمانه قول ٻڌڻ ۾ آيا. اهڙي نموني ڪيترائي مڪتوب خصوصا پنهنجي خلافت جي دور ۾ لکيائين. مجموعي طور تي نهج البلاغه ۾ ٿورڙي اختلاف سان 241 خطبه، 79 مڪتوب ۽ 480 حڪيمانه جملا آهن.
نهج البلاغه جو سهيڙيندڙ، سيد رضي
سيد رضي ذاتي طور تي علي عليه السلام جي ڪلام جو عاشق هو. هوء اديب، شاعر ۽ سخن شناس ماڻهو هو. ثعالبي جيڪو هن جو هم عصر هو ان جي باري ۾ لکي ٿو:“ هو اڄوڪي زماني جو عجيب ترين ۽ عراقي سادات جو شريف ترين شخص آهي حسب ۽ نسب جي عظمت کان سواء روشن ادب ۽ مڪمل فضل سان مزين آهي. هو آل ابي طالب جي تمام شاعرن کان بهتر آهي جڏهن ته آل ابي طالب ۾ ڪيترائي نامور شاعر آهن. جيڪڏنهن مان ائين چوان ته تمام قريش ۾ ڪو شاعر ان جي برابري جو نه آهي ته حقيقت کان پري نه چيو اٿم.”
سيد رضي پنهنجي انهيءَ دلچسپي ڪري جيڪا کيس ادب سان عام طور تي ۽ علي عليه السلام جي ڪلام سان خاص طور تي هئي، مولى جي ڪلام کي گهڻو ڪري فصاحت، بلاغت ۽ ادب جي نظر سان ڏٺو آهي. انهي ڪري ان جي چونڊ ۾ انهي ڳاله تي ڌيان ڏنو اٿس.
مطلب ته اهڙي ڪلام انجي توجه وڌيڪ حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ بلاغت جي لحاظ کان ڪا خاصيت هئي، تنهنڪري ان پنهنجي چونڊ تي نهج البلاغه جو نالو رکيو آهي. ان جي سند به ذڪر نه ڪئي آهي. فقط ڪجه خاص جاين تي خصوصي مناسبت جي ڪري ان ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اهو خطبو يا مڪتوب نقل ٿيو آهي.
جڏهن ته تاريخ يا حديث جي مجموعي ۾ پهريان سند کي معين ڪرڻ گهرجي نه ته انجو ڪو اعتبار نه رهندو، پر هڪ ادبي اثر جي حيثيت ان جي لطافت، سٺاڻ ۽ جوڙجڪ ۾ آهي. ان جي باوجود اهو به نٿو چئي سگهجي ته سيد رضي هن اثر جي تاريخي يا ٻين لحاظن جي حيثيت کان غفلت ڪئي آهي ۽ ان جي توجه فقط ادبي پاسي رهي آهي.
خوش قسمتي سان هن دور جي ڪجه عالمن نهج البلاغه جي اسناد ۽ مدارڪ کي گڏ ڪرڻ تي سندرو ٻڌو آهي. شايد سڀني کان وڌيڪ تفصيلي ڪتاب ”نهج السعاده في مستدرڪ نهج البلاغه“ آهي، جنهن جو مولف عراق جو شيعه عالم محمد باقر محمودي آهي. هن قيمتي ڪتاب ۾ علي عليه السلام جي تمام خطبن، حڪمتن، مڪتوبن، دعائن ۽ مختصر قولن کي گڏ ڪيو ويو آهي.
سڄو مضموم ايپ ۾ اندر پڙهندا. مهرباني
ڪجھ هن ايپليڪيشن جي باري ۾
نهج البلاغه جي اهميت کي نظر ۾ رکندي المجتبى فائونڊيشن جي ڪافي عرصي کان خواهش هئي ته ان کي سنڌي ايپليڪيشن جي صورت ۾ سنڌي مومنن ۽ محبان اهلبيت عليهم السلام جي خدمت ۾ پيش ڪجي. ان حوالي سان قاري امان الله ڪربلائي ۽ ميرزا عباس علي بيگ جي ترجمي جو انتخاب ڪيو ويو. جنهن جو هڪ اهم مقصد انهن جي محنت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.
جن دوستن ٽائپنگ، تصحيح ۽ ايپ ٺاهڻ ۾ هٿ ونڊايو، انهن جا نالا هتي ذڪر ڪجن ٿا:
مولانا غلام قاسم تسنيمي
مولانا نظير احمد بهشتي
مولانا سرفراز مهدي
مولانا محمد علي جواد
مولانا محمد حيات مفڪري
مولانا اسد رضا چانڊيو
مولانا محمد ياسين محسني
مولانا صابر حسين چانڊيو
مولانا ثمر علي عرفاني
مولانا راشد علي چانڊيو
مولانا ظفر علي چانڊيو
مولانا ساجد علي سبحاني
مولانا سيد ارباب علي شاھ
دوست علي چانڊيو
مولانا زوار رضا حسين الحسيني
برادر محمد رضا تسنيمي
انهن سڀني دوستن سان گڏ هن ايپ لاءِ الله جي هڪ ٻانهي مالي طور تي تعاون ڪيو آهي، ان جي توفيقات خير ۾ اضافي ۽ سندس مرحومين جي درجات جي بلندي لاءِ دعا جو نماڻو عرض آهي.
دعاڳو ۽ محتاج دعا: المجتبى سٿ
Nahjul Balagha
Nahj al-Balagha
情報
デベロッパー
Zawar Reza Hussain Alhussaini
最新バージョン
2.0
最終更新
2018-06-14
カテゴリー
Books-reference
上で利用可能
Google Play
もっと見せる
PCでGameLoopを使用してNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيをプレイする方法
1. 公式WebサイトからGameLoopをダウンロードし、exeファイルを実行してGameLoopをインストールします
2. GameLoopを開いて「Nahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌي」を検索し、検索結果でNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيを見つけて、「インストール」をクリックします。
3. GameLoopでNahjul Balagha Sindhi نهج البلاغه سنڌيを楽しんでください
Minimum requirements
OS
Windows 8.1 64-bit or Windows 10 64-bit
GPU
GTX 1050
CPU
i3-8300
Memory
8GB RAM
Storage
1GB available space
Recommended requirements
OS
Windows 8.1 64-bit or Windows 10 64-bit
GPU
GTX 1050
CPU
i3-9320
Memory
16GB RAM
Storage
1GB available space